اسلام آ??اد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪامياب پاڪستان پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هن اسلام آ??اد ۾ منعقد تقريب ۾ ان پروگرام جو افتتاح ڪيو، ڪامياب پاڪستان پروگرام ملڪ مان غربت ج?? خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ان پروگرام تحت 14 سئو ارب جا قرض 37 لک گهراڻن کي ڏنا ??يندا، ڪامياب پاڪستان پروگرام جا پنج حصا آهن. ڪامياب آبادگارن جي ذريعي آبادگارن کي بنا ??ياج جي قرض ڏنا ??يندا، ڪامياب ڪاروبار پروگرام تحت ڪاروبار لاءِ پنج لک تائين بنا ??ياج جا قرص ڏنا ??يندا. سستا گهر اسڪيم تحت پنهنجو گهر بڻائڻ جي لاءِ آسان قسطن تي فنانسنگ جي سهولت هوندي، حڪومت ج?? ڪاميابي سان جاري فني مهارت اسڪالرشپ اسڪيم ۽ صحت انصاف ڪارڊ کي ڪامياب پاڪستان پروگرام سان جوڙيو ويندو.