اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عالمي دنيا کي بهترين انداز ۾ باور ڪرايو ته افغان جنگ جو سڀ کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان پاڪستان کي ٿيو، هاڻي دنيا کي گهرجي ته ماضي جي غلطي کي نه ورجائي پر افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪوشش ڪري، وزيراعظم عمران خان گڏيل قوم?? ۾ ??ليراڻي انداز سان مودي جي ظالماڻي نظريي آر ايس ايس کي ايڪسپوز ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڀرپور دليلن سان ڪشميرين جي سچي وڪيل ۽ ارڏي سفير هجڻ جو ڪردار ادا ڪيو. هن سيد علي گيلاني جي مي?? کي اسلامي رسمن سان شهيدن جي قبرستا?? ۾ ??فنائڻ جي مطالبي تي زور ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قوم?? ۾ ??نتهائي پراعتمادي سان حقيقتون سامهون رکيون ۽ ڪيترن کي ئي آئينو پڻ ڏيکاريو، الحمدالله پاڪستا?? ۾ ??هڙو وزيراعظم موجود آهي جيڪو قومي مفاد ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل کي ترجيح ڏي ٿو.