اسلام آب??د – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جي ذريعي خطي جو استحڪام تباهه ڪري رهيو آهي، ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب انهن جو حق ملڻ تا??ين آواز اٿاريندو رهندس، پاڪستان ڀرپور طريقي سان ڪشميرين جو ڪيس وڙهندو رهندو. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ ڀا??تي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي حوالي سان 5 آگسٽ 2019ع تي ڪيل ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم کي 2 سال مڪمل ٿي ويا آهن. انهن ٻن سالن ۾ دنيا ڀا??تي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارت جي قابض فوج جو غيرمعمولي ظلم ۽ ڏاڍ ڏسي ورتو آهي. دنيا ڪشميرين جي سڃاڻپ کي تباهه ڪرڻ ۽ آب??دي جي تناسب کي طاقت جي ذريعي تبديل ڪرڻ جي ڀا??تي ڪوششن کي پڻ ڏسي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ڀا??تي حڪومت پاران ڀا??تي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ آر ايس ايس جي هندتوا نظريي جو تسلسل آهي، اڄ ڀارت پنهنجي جابراڻي قدمن ۽ رياستي دهشتگردي جي ذريعي خطي جو استحڪام تباهه ڪري رهيو آهي جيڪو سمورن عالمي قانونن ۽ قدرن جي خلاف ورزي آهي. وزيراعظم چيو ته مون عالمي ف??رم?? تي ڪشميرين جو آواز اٿاريو آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ملڻ تا??ين آواز اٿاريندو رهندس. هن چيو ته پاڪستان ڀرپور طريقي سان ڪشميرين جو ڪيس وڙهندو رهندو ۽ انشاءَ الله ڪشميرين جي جدوجهد ڪامياب ٿيندي.