اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايش??ا جو مستقبل دن??ا جو مستقبل آهي، اسان کي چئلينج درپيش آهن پر ترقي ۽ خوشحالي جا زبردست موقعا موجود آهن، ڪورونا سبب متاثر اسرندڙ ملڪن جي معيشتن جي بحالي ۽ معاشرتي استحڪام لاءِ مالياتي آسانيون ۽ فنڊز فراهم ڪيا وڃن، ترقي يافته ۽ اسرنڊر معيشتن جي وچ ۾ ڊجيٽل فرق کي ختم ڪرڻو پوندو، پائيدار ترقي ۽ 2050ع تائين ڪاربن جي مڪمل اخراج جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ بنيادي ڍانچي تي ??ڏي پئماني تي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، پاڪستان ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان پرامن ۽ تعاون تي ??ڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي ان لاءِ ڀارت کي ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائماليون بند ۽ 5 آگسٽ جي هڪطرفي قدمن تي ??ظرثاني ڪرڻي پوندي، فلسطين ??ي صورتحال هر هڪ جي لاءِ گهري ڳڻتي جو سبب آهي، گڏيل قومن جي لاڳاپيل قرارادان ۽ ٻه رياستي ??ظريي تحت منصفاڻي ۽ ڊگهي حل لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي، جيستائين هن خطي ۾ پراڻي ۽ ٻين ??ڪرارن کي حل نٿا ڪريون ترقي جي امڪانن مان ان وقت تائين لاڀ نٿا پرائي سگهون، افغانستان جي تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي. هو ايش??ا جي مستقبل جي موضوع تي 26هين ڪانفرنس کي ورچوئل خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته ان ڪانفرنس کي خطاب سندس لاءِ اعزاز آهي، ايشيا دن??ا جي آبادي جو اڌ آهي، ايش??ا جو مستقبل دن??ا جو مستقبل آهي، هي اهو مقام آهي جتي گذريل 50 سالن دوران انتهائي فعال معاشي واڌ، ٽيڪنالاجي ۾ ترقي، سماجي تبديلي، صنعت ۽ حرفت ۾ ترقي ۽ انساني ترقي ٿي آهي. هن چيو ته اڄ ايشيا ۽ دنيا اهم موڙ تي آهن، اسان کي غير معمولي چئلينج درپيش آهي، پر اسان وٽ ترقي، خوشحالي لاءِ اڳتي ??ڌڻ جا زبردست موقعا به موجود آهن. هن چيو ته هن وقت اسان جي پهرين ??رجيح ڪووڊ 19 جو مقابلو ۽ ان تي ضابطو آڻڻ آهي، ان وبا گذريل سئو سالا صحت، معيشت ۽ سماجي حوالي سان بدترين ??حران پيدا ڪيو آهي، ان وائرس ڪروڙين ماڻهن کي متاثر ڪيو، 30 لک کان وڌيڪ ماڻهن ان سبب فوت ٿيا، معاشي واڌ ۾ گهٽتائي ٿي، غربت ۾ اضافو ٿيو ۽ بدترين ڳالهه اها آهي ته بي روزگاري ۾ بي پناهه اضافو ٿيو آهي، ان وائرس تي جيستائين مڪمل ڪنٽرول نٿو ٿئي اهو معاشرتي انتشار ۽ ايشيا ۽ دنيا ۾ ڪٿي به امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته بدقسمتي سان ان سان ڪو به ان وقت تائين محفوظ نه هوندو جيستائين هر ڪوئي محفوظ نه ٿئي، اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لازمي طور تي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ڪووڊ ويڪسين هر هڪ کي جلد کان جلد هر جڳهه دستياب هجي، ويڪسين ??ي فراهمي ۽ ورهاست کي فوري طور تي ??ڌايو وڃي، حقوق دانش معاف ڪيا وڃن، اسرندڙ دنيا سميت ان جي پيداوار وڌائي وڃي ۽ ويڪسين ??ي سهولت کي سگهه ڏني وڃي ۽ مالي مدد فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته ان وائرس غريب ملڪن کي وڌيڪ متاثر ڪيو آهي ان جي اثرن سان مقابلي لاءِ ضروري آهي ته گهٽ آمدني وارن ملڪن ۽ ٻين مالي پريشاني جو شڪار ملڪن کي بحالي ۽ معاشرتي استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ مالياتي آسانيون ۽ فنڊز فراهم ڪيا وڃن.