اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير ?? نجڪاري بورڊ جي چيئرمين محمد ميان سومرو جي صدارت ۾ ڇنڇر ڏينهن اجلاس ۾ سرڪاري ادارن ??ي نجڪاري جو جائزو ??رتو ويو. نجڪاري واري وزارت مان جاري بيان موجب نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت ۾ نجڪاري ڪميشن هفتيوار جائزي اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري وري وفاقي سيڪريٽري حسن ناصر جامي، نجڪاري واري ايڊيشنل سيڪريٽري خاقان بابر سميت اعليٰ آفيسرن ??رڪت ڪئي، ان موقعي تي وفاقي وزير کي نجڪاري لسٽ ۾ شامل مختلف ادارن ??ي ٿيندڙ اڳڀرائي تي ??ري??نگ ڏني وئي ?? نجڪاري جي سلسلي ۾ درپيش مشڪل??تن ۽ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي عمل جو جائزو ??رتو ويو. اجلاس ۾ سروسز انٽرنيشنل هوٽل، هيوي اليڪٽريڪل ڪمپليڪس، گُڊو ۽ نندي پور پاور پلانٽس، جناح ڪنوينشن سينٽر، فرسٽ ويمن بئنڪ ۽ نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ سميت ٻين ادارن ??ي نجڪاري جي حوالي سان هيستائين اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ??رتو ويو.