اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سينيٽ چونڊن ۾ شفافيت تي زور ڏين??ي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته حڪومت عدالتي فيصلي جو احترام ڪندي، سينيٽ چونڊن ۾ ماضي ۾ ٿيندڙ هارس ٽريڊنگ جي تا??يخ گواه آهي، چاهيون ٿا ته سينيٽ جا ميمبر شفاف طريقي ??ان چونڊجي اچن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽر سجاد خان طوري ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سياسي معاملن وارو صلاحڪار ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو. ان موقعي تي ايندڙ سينيٽ چونڊن جي حڪمت عملي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.