اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي ??زي?? شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت پاران پاڪستان ۾ دهشتگردي جي سرپرستي جا نا قابل ترديد ثبوت موجود آهن. ڀارت رياستي دهشتگردي ۾ سڌو سنئون ملوث آهي ۽ ان کي هٿي وٺرائي رهيو آهي. دنيا ڄاڻي چڪي آهي ته ڀارت ۾ انتهاپسندي عروج تي آهي ۽ سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويدار ڀارت روگ اسٽيٽ جو روپ اختيار ڪندي پئي وڃي. ??ال??ي برادري کي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڀارتي منصوبن جي ڄاڻ وقت به وقت ڏيندا رهيا آهيون. ڀارت جي رياستي دهشتگردي تي وڌيڪ چپ رهڻ نه پاڪستان ۽ نه ئي ڏکڻ ايشيا جي مفاد ۾ آهي. پرڏيهي ??زي?? پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آئي ايس پي آر جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل بابر افتخار سان گڏ پريس ڪ??نفرنس ڪندي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ڀ??رتي ادارن جي هٿ هجڻ، پابندي پيل تنظيمن سان مالي سهڪار، انهن تنظيمن جي ڪارڪنن کي سکيا ۽ هٿيارن جي فراهمي ۽ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٽارگيٽس جي نشاندهي ۽ پئسن جي منتقلي بابت شاهديون پيش ڪيون.