اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) وفاقي حڪومت جي صحت واري شعبي جي ملازمن کي رسڪ الائونس (هڪ پگهار جي برابر) جي ادائيگي لاءِ 480.556 ملين رو??ين جي منظوري سميت مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ ڪيترين ئي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪامياب جوان ??رو??رام جي اهم شرطن ۾ تبديلي جي منظوري به ڏني آهي، هاڻي ان ??رو??رام تحت هڪ لک کان وٺي 10 لک رو??ين تائين، 10 لک رو??ين کان وڌيڪ هڪ ڪروڙ رو??ين تائين ۽ هڪ ڪروڙ کان وٺي اڍائي ڪروڙ تائين جو قرض فراهم ڪري سگهبو. اجلاس ۾ ٽو ۽ ٿري وهيلز ۽ هيوي ڪمرشل گاڏين لاءِ اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جي منظوري به ڏني ??ئي آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.