اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي قيادت جي جنگي جنون ۽ زميني جارحاڻي قدمن سان ا??ن ۽ س??امتي لاءِ خطرا پيدا ٿيا آهن، ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل سان ئي ڏکڻ ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام ??ي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت طرفان ا??سانيت جي خل??ف ڏوهن جي باري ۾ آگاهي پکيڙڻ ۽ س??امتي ڪائونسل جي قراردادن موجب مسئلي جي حل لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ??ي ان جي جائز خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري عوام جي حمايت جاري رکنداسين. اها ڳالهه هن برطانوي پارليامينٽ جي آل پارٽيز پارلياماني ڪشمير گروپ (اي پي پي ڪي جي) جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي.