اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي ايجنڊا سڌارا ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ آهي، مشڪل ترين حالتن جي باوجود حڪومتي ڪوششن جي نتيجي ۾ معيشت کي استعمال ملڻ سان گڏ ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جو ا??تم??د بحال ٿيو آهي، سال 2020ع عوام جي خوشحالي ۽ ترقي جو سال هوندو?? حڪومت جي ڀرپور ڪوشش هوندي ته معاشي استحڪام جا ثمر عام ماڻهو تائين پهچايا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ اتحادي پارٽين سان تعلق رکندڙ سينيٽرز س??ن ملاق??ت دوران ڳالهائيندي ڪيو.