اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ت?? ضروري شين جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ جتي ان??ن شين جي دستيابي جي حوالي سان جام?? منصوبابندي ڪئي وڃي اتي سمورا ضروري انتظامي قدمن موثر طريقي سان کڻڻ تي ??صو??ي ڌيان ڏنو وڃي ۽ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ مسلسل نظر رکيو ڃي ۽ ان سلسلي ۾ صوبن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. وزيراعظم اهي هدايتون پنهنجي صدارت هيٺ ضروري شين جي قيمتن ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان کنيل قدمن جي سلسلي ۾ جائزي اجلاس جي دوران ڏنيون.