اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پنهنجي وسيلن کي نظر ۾ رکندي اسان سڀ پاڪستانين کي توانائي جي بچت ۽ ان جو موثر ۽ بهتر استعمال يقيني بڻائڻو آهي، اڄ ح??ومت تفصيلي مشاورت سان توانائي جي بچت جي پلان تي عملدرآم?? شروع ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان کي توانائي بچت پلان کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ زندگي جي ه?? شعبي ۾ پنهنجي طرز عمل کي بدلائڻو پوندو.