آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ خصوصي اقتصادي زونز قازقستان جي ??يڙپڪارن جي لاءِ کليل آهن، قازقستان پنهنجي واپار کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گوادر ۽ ڪراچي جي ??ندرگاهن مان فائدو کڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه خميس ڏينهن قازقستان ۾ سيڪا سربراهي اجلاس جي موقعي تي قازقستان جي ??در قاسم زومارٽ توڪايوف سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن واپار، گڏيل رابطن ۽ توانائي سميت ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ??ربراهي اجلاس جي موقعي تي قازقستان جي ??در سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ??فتار جو تعين ڪيو ويو هو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي واپار کي سگهارو بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي، زراعت، ٽيڪنالاجي، لاجسٽڪس، مواصلات ۽ تعميرات جي ??عبن ۾ گڏيل منصوبن کي فروغ ڏيڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. هن ڪاروباري رابطن، عوام سان عوام جي ??ابطن ۽ سياحت کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون فضائي رابطي جي ??هميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ا خصوصي اقتصادي زونز قازقستان جي ??يڙپڪارن جي لاءِ کليل آهن. هن قازقستان کي پنهنجي واپار کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن مان فائدو کڻڻ جي ??عوت پڻ ڏني. وزيراعظم ايشيا ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ اعتمادسازي جي قدمن بابت ڪانفرنس (سيڪا) سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ قازقستان جي ??رڪاري دوري تي آهي. قازقستان ڇهين سيڪا سربراهي اجلاس جو چيئر ۽ ميزبان آهي.