اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ ٻوڏ مت??ثرين جي امداد جي لاءِ ريئل ٽائيم مانيٽرنگ جي لاءِ ڊيش بورڊ جو افتتاح ڪندو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڊيش بورڊ جي ذريعي ٻوڏ مت??ثرين کي ملندڙ مقامي ۽ عالمي امداد ۽ ان جي ورڇ جي معلومات تائين دنيا جي ڪنهن به حصي مان پهچ ممڪن ٿيندي. ان کانسواءِ ٻوڏ مت??ثرين جي امداد ۾ معاونت جي لاءِ ويب سائيٽ، هڪ ٺوس فلڊ ريليف مئنيجمينٽ سسٽم، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف فيلڊ ورڪرز جي لاءِ ڊيجيٽل ايپليڪيش??ز ۽ پاليسي ?? فيصلاسازي جي لاءِ ايگزيڪيوٽو ڊيش بورڊ پڻ ان فلڊ ريسپانس نظام جو حصو آهي. وزير??عظ?? ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.