اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي ??هادت تي گهري ڏک ?? افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ 6 آفيسرن ۽ جوانن جي ??هادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد ميجر خرم شهزاد، ميجر منيب افضل، صوبيدار عبدالواحد، سپاهي محمد عمران خان، نائب جليل ۽ سپاهي شعيب جي گهروارن سان تعزيت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي ??حفظ، سلامتي ۽ دفاع جي لاءِ پاڪستاني فوج بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. قوم کي پنهنجي ??هيدن تي فخر آهي، اهي قربانيون ناقابل فراموش آهن. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ گهروارن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.