اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ٻوڏ سبب ملڪ جي درپيش چئلينجن جو گڏجي مقابلو ڪنداسين، پوري قوم آفت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پ??ڻي سبب پيدا ٿ??ل بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اين ايف آر سي سي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي به شريڪ هئا. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ واري صورتحال سبب ملڪ کي درپيش چئلينجن جو گڏجي مقابلو ڪنداسين، پوري قوم آفت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پ??ڻي سبب پيدا ٿ??ندڙ بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي، وفاقي وزير چيو ته صحت جي صورتحال تي ڪڙي نظر رکي وڃ?? ۽ بيمارين کان بچاءُ لاءِ ه??گامي قدم کنيا وڃ??، متاثرن جي بحالي ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان جي ازالي لاءِ سروي تيز ڪيا وڃ??، صحيح انگ اکر ڊيش بورڊ جي ذريعي مددگار ثابت ٿيندا، هن چيو ته اين جي ا??ز ۽ آءِ اين جي اوز کي امدادي ڪاررواين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ متحرڪ ڪيو وڃ??، عوام کي امدادي ڪيمپن بابت مڪمل معلومات فراهم ڪئي وڃ??، ڊيمن ۽ ٻين آبي وسيلن ۾ پ??ڻي جي سطح تي نظر رکي وڃ??.