اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته آهي ته بلوچستان ۾ مسلسل برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيڻ واري تباهي نا قابل بيان آهي، متاثرن جي آبادڪاري تائين سک سا?? نه وينداسين، سڄي قوم متاثر ڀينرن ۽ ڀائرن جي مدد جي لاءِ اڳتي اچي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ان چيو ته بلوچستان ۾ مسلسل برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيڻ واري تباهي ناقابل بيان آهي. حڪومت جي سڀئي ادارن ضرورتن کي سا??هون رکندي ريسڪيو ۽ ريليف جو ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي. اسان ان وقت تائين سک سا?? نه وينداسين جيستائين متاثرن جي بحالي ممڪن نه ٿئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان ٻوڏ سا?? پيدا ٿيل صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي محاذن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. چيلينج وڏو آهي پر ان چيلينج کي منهن ڏيڻ جو اسان جو عزم ان کان به مضبوط آهي. آئون پوري قوم کي اپيل ڪيان ٿو ته هو اڳتي اچن ۽ تڪليف ۾ آيل اسان جي ڀينرن ۽ ڀائرن جي مدد ڪن. آئون ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن ۾ ڀر??ور ڪردار ادا ??رڻ تي بلوچستان جي وڏي وزير، صوبائي انتظاميا، اين ڊي ايم اي ۽ فوج جو خاص طور تي ٿورو ادا ??يان ٿو.