اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب عوامي سطح تي اسلامي ڀائيچاري جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، پاڪستاني پنهنجي سعودي ڀائرن سان پراڻن لاڳاپن کي انته??ئي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي دوري جي تياري جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيم??لي ميمبر شاهد خاقان عباسي، سمنڊ پار پاڪستانين واري وفاقي وزير ساجد حسين طوري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪ??ي. ??ن موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب عوامي سطح تي اسلامي ڀائيچاري جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، پاڪستاني پنهنجي سعودي ڀائرن سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي انته??ئي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو انهن لاڳاپن کي خاص ??ور تي روزگار، توانائي، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ موثر سفارشون جوڙي. واضح رهي ته وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو هي پهريون پرڏيهي دورو آهي جيڪو ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اڳ کان موجود ٻطرفن اسٽريٽجڪ لااڳپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو.