اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي اس??ام?? يونيورسٽي معياري گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ پنهنجي فزيڪل ۽ آن لائين تعليمي اسٽرڪچر کي وڌيڪ بهتر بڻائي، ??ونيورسٽي تعليمي شفٽن کي ٻيڻو ڪري، ان سلسلي ۾ ٽن مهينن اندر تجويز پيش ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي عالمي اس??ام?? يونيورسٽي اسلام آباد جي ريڪٽر پاران بريفنگ ڏني وئي، ريڪٽر اس??ام?? يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي تعليمي پروگرامن ۽ نون منصوبن تي بريفنگ ڏني، بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ي??نيورسٽي تعليمي معيار ۾ بهتري لاءِ هڪ نئين اسٽريٽجڪ پلان 2022-26ع جي منظوري ڏني، ??ئين پلان جو مقصد تحقيق ۽ تعاون ۾ اضافو ۽ يونيورسٽي جي مالي استحڪام کي وڌائڻ آهي، ??ئين پلان سان يونيورسٽي ڪيمپس ۾ معيار زندگي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، ??لان سان گورننس ۾ بهتري ايندي، ??ونيورسٽي جي ڊجيٽلائيزيشن ۾ به مدد ملندي، ??ئون پلان ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ۽ ٽيڪنيڪي ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ي??نيورسٽي شاگردن کي ٽيڪنيڪي هنر سان گڏ تنقيدي سوچ، موثر ڄاڻ، ٽيم ورڪ جهڙي سافٽ مهارتن سان به ليس ڪري يونيورسٽي پنهنجي سينيٽ ۾ مارڪيٽ کان ماهرن کي شامل ڪري، صدر چيو ته شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب هنر سان ليس ڪرڻ لاءِ انڊسٽري سان تعاون جي ضرورت آهي، ??نرمند گريجوئيٽس جي وڌندڙ گهرج پوري ڪرڻ لاءِ 2 سالا ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرامن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، صدر ملڪ ۾ معياري تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار کي ساراهيو.