اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته پاڪستان ڪورونا جي وبا کي من??ن ڏيڻ جي لاءِ ايشيا ج?? سمورن ملڪن کان بهتر ڪم ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته جهڙي طرح اسان ڪورونا جي وبائي مرض کي من??ن ڏنو ان جي لاءِ آئون پنهنجي حڪومت کي مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڪورونا بحران دوران ڏکڻ ايشيا ج?? سمورن ملڪن کان بهتر ڪم ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آ??ي ته عالمي بئنڪ 22 – 2020ع جي سائوٿ ايشيا انڊيڪس ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آ??ي ته پاڪستان خطي ۾ سڀ کان گهٽ بيروزگاري جي شرح سان ٻين ڏکڻ ايشيائي ملڪن کي پٺتي ڇڏي ڏنو آهي. عالمي بئنڪ جي انگن اکرن موجب 2002ع کان 2022ع ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ بيروزگاري جي سڀ کان گهٽ شرح پاڪستان ۾ 4.3 سيڪڙ?? رهي جڏهن ته ان جي ابتڙ ڀارت ۾ ان دوران بيروزگاري جي شرح سيڪڙو، مالديپ ۾ 8.3 سيڪڙو، بنگلاديش ۾ 5.4 سيڪڙو، ڀوٽان ۾ 5 سيڪڙو، سريلنڪا ۾ 5.9 سيڪڙو ۽ نيپال ۾ 4.7 سيڪڙ?? رهي.