اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي انڊسٽريل بيس وڌائڻ حڪو??ت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، صنعتي ترقي کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي ملڪي صنعتي شعبي جي ترقي لاءِ کنيل حڪو??ت جي قد??ن ۽ اڳ??ي جي حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت صنعتي صلاحيت وڌائڻ ۽ سِڪ يونٽس جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اسان جي حڪومت ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعت جي لاءِ ٺوس پاليسي ڏني، حڪو??ت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري صنعتي شعبو ترقي ڪري رهيو آهي، صنعتن جي مڪمل صلاحيت تي هلڻ جي ڪري روزگار ۾ ??ضا??و ٿيو آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته حڪو??ت جي ڪورونا وبا دوران ڪامياب معاشي ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري صنعتن جو ڦيٿو هلندو رهيو جنهن جي ڪري روزگار جا موقعا پيدا ٿيا، پيداوار ۾ ??ضا??ي سان گڏوگڏ روانگي واپار ۾ پڻ ??ضا??و ٿيو آهي، حڪومت صنعتن جي موجوده صلاحيت کي وڌائڻ ۽ بيمار يونٽس جي بحالي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي ۽ صنعتن ۾ روايتي شعبن کانسواءِ نئين شعبن جي شموليت يقيني بڻائي رهي آهي، جنهن جو مقصد درآمدي متبادل ۽ برآمدات ۾ ??ضا??و ڪرڻ آهي. ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي پاڪستان ۾ صنعتن جي فروغ جي ويزن موجب صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ملڪي صنعتي پيداوار ۾ ??ضا??ي جي لاءِ صنعتن جي لاءِ سهولتن جي فراهمي ۽ ايندڙ رڪاوٽن جو خاتمو يقيني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم ملڪي انڊسٽريل بيس وڌائڻ جي لاءِ قدمن کي تيز ڪرڻ، لاڳاپيل حڪومتي ادارن کي گڏيل تعاون وڌائڻ ۽ ان حوالي سان هڪ ٺوس پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.