اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته نوجوان نسل ۾ اعليٰ اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ ۽ انهن کي جديد علم ۽ ٽيڪنالاجي سان آراسته ڪرڻو آه??، اهڙن مضمونن جي لاءِ وظيفا ڏنا آه?? جن سان ملڪي ترقي جو رستو متعين ٿئي، اسڪالرشپ ڪمپلينٽ پورٽ قائم ڪرڻ سان شاگردن جي اسڪالرشپس بابت شڪايتن جو ازالو ٿيندو ۽ شفافيت ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ جي شاگردن جي لاءِ اسڪالرشپ ڪمپلينٽ پورٽ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود پڻ موجود هو. وزيراعطم چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته شاگردن کي اسڪالرشپس جاري ڪرڻ جي حوالي سان تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش هيون. 18 هين ترميم کانپوءِ اسڪالرشپس جاري ڪرڻ جا جدا جدا پروگرام هلي رهيا هئا. اسان فيصلو ڪيو ته جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي اسڪالرشپس جاري ڪرڻ جي نظ??م کي شفاف بڻايون ته جيئن شاگردن کي ميرٽ تي اسڪالرشپ ملي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙن مضمونن ۾ اسڪالرشپ ڏنيون وڃن جن سان ملڪي ترقي جو رستو متعين ٿئي. اسان کي مختلف شعبن ۾ ضرورتن ۽ ملڪي تعمير ۽ ترقي کي نظ?? ۾ رکندي تعليم جو نظ??م جوڙڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ڪجهه مضمون اهڙا آه?? جيڪي موجوده وقت ۾ پنهنجي اهميت وڃائي چڪا آه?? جڏهن ته ڪجهه مضمون اهڙا آه?? جن کي پڙهائڻ جي لاءِ ماڻهو ئي نه ٿا ملن. اسان کي مختلف شعبن جي لاءِ پروفيشنلز جي ضرورت آه??. هن چيو ته اسڪالرشپس جاري ڪرڻ جي لاءِ ماهرن جي ٽيم هوندي جيڪا جائزو وٺندي ته هنن شعبن ۾ اسڪالرشپس جي ضرورت آه??. هن چيو ته اسان رحمت للعالمين اسڪالرشپ متعارف ڪرائي ته جيئن نوجوان نسل کي ان انقلاب کان روشناس ڪرائي سگهجي جيڪو حضور نبي ڪريم ﷺ مديني جي رياست ۾ آندو هو. هن چيو ته جيڪو به معاشرو ۽ رياست انهن اصولن کي اختيار ڪندو جن جي بنياد تي مديني جي رياس?? جوڙي وئي، اهو خوشحالي ۽ ترقي جي رستي تي گامزن ٿي ويندو. هن چيو ته اسلام ۾ ڏاڍ نه آه??، اسا جو فرض آه?? ته نوجوانن کي صحيح رستي بابت آگاهي فراهم ڪريون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قائم ڪرڻ جو مقصد اسلامي فلاحي رياس?? جوڙڻ هو. نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي جي تعليم ڏيڻ ۽ اسلامي تعليم کان آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آه??. حڪومت ان طبقي کي مٿي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آه?? جنهن ۾ اڳتي وڌڻ جي صلاحيت ۽ جستجو آه??. نمل يونيورسٽي ۾ غريب خاندانن جي ٻارن بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ڇو ته انهن ۾ اڳتي وڌڻ جو لڳاءُ هو. هن چيو ته هن پورٽل قائم ڪرڻ سان اسڪالرشپس جي حوالي سان شاگردن جي مشڪلاتن ۽ شڪايتن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هاڻي ڪو به ٻار ان سبب جي ڪري پٺتي ن?? رهندو ته هو فيس ادا نه ٿو ڪري سگهي. جيڪو به شاگرد خرچ برداشت نه ٿو ڪري سگهي، حڪومت ان کي سپورٽ ڪندي. ڪنهن به حڪومت ايتريون اسڪالرشپس ناهن ڏنيون جيتريون اسان جي حڪومت ڏنيون آه??. هن چيو ته هايئر ايجوڪيشن جي لاءِ موجوده حڪومت 123 ارب رپيا رکيا آه?? جيڪي ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ آه??. 42 ارب رپيا نئين اسڪيمن جي لاءِ ڏنا ويا آه?? ۽ 28 نيون يونيورسٽيون ٺاهيون ويون آه??. پي ايڇ ڊي جي لاءِ 4 هزار ۽ اوورسيز جي لاءِ اڍائي هزار اسڪالرشپ ڏنيون ويون آه??. احساس پروگرام جي ذريعي اسڪالرشپس جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آه??. هن چيو ته سنگل نيشنل ڪريڪولم انقلابي قدم ثابت ٿيندو. وظيفا جاري ڪرڻ جي حوالي سان شڪايتن جي ازالي جو طريقيڪار جوڙڻ تمام بهترين قدم آه??. ان کان اڳ وزيراعظم بٽڻ دٻائي سڄي ملڪ جي شاگردن جي لاءِ اسڪالرشپ ڪمپلينٽ پورٽل جاري ڪيو.