اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو آهي ته پ?? ٽي آءِ حڪومت ۾ هيستائين ڪرپشن ??و ڪو ڪيس سامهون ناهي آيو، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي دورن ۾ هر ڏينهن ڪرپشن ??و نئون اسڪينڊل سامهون ايندو هو، (ن) ليگ ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل رپورٽ جي غلط تشريح ڪري رهي آهي، ان رپورٽ ۾ ڪنهن مالي بدعنواني جي نشاندهي ناهي ٿي. مملڪتي و??ير فرخ حبيب شاهد خاقان عباسي جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته شاهد خاقان عباسي جيڪڏهن ايترو سچو آهي ته شهباز شريف جي 16 ارب جي ڪرپشن ??ابت به ڪجهه ٻڌائي. (ن) ليگ ته پ??هنجي دور ۾ جعلي سروي ۽ رپورٽون تيار ڪرائيندڙ پارٽي طور مشهور هئي. بلاول زرداري جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو ته پ??پلزپارٽي 13 سالن دوران لاڙڪاڻي سميت سن?? جي عوام کي ڇا ڏنو آهي. اڄ بلاول ڪچيءَ آبادي ۾ وڃي واڳون وارا ڳوڙها وهائي رهيو آهي، اڳ ۾ ڪٿي هو. سن?? جي عوام کي رڳو ٽينڪر مافيا ۽ ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.