اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 17 هون غير معمولي اجلاس سڀاڻي آچر تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. سعودي عرب بطور چيئر افغانستان جي حوالي سان غير معمولي اجلاس جي تجويز ڏني هئ?? جڏهن ته پاڪستان ان جي آجيان ڪندي سي??ن جي ميزباني ??ي آڇ ڪئي هئ??، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب او آءِ سي جي ميمبر ۽ مبصر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کانسواءِ شرڪت ڪندڙن ۾ گڏيل قومن، عالمي مالياتي ادارن ۽ آمريڪا، برطانيه، فرانس، چين، روس، جرمني، اٽلي، جاپان ۽ يورپي يونين جا نمائندا به شامل آهن، افغان عبوري حڪومت به اجلاس ۾ نمائندگي ڪندي، اهو اجلاس افغانستان ۾ بگڙجندڙ انساني ??ورتحال جي پس منظر ۾ گهرائي وئي آهي، افغان عوام سان يڪجهتي جي اظهار کانسواءِ پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل مان اميد آهي ته هو افغانستان ۾ تيزي سان بگڙجندڙ انساني ??ورتحال، خاص خوراڪ جي کوٽ جي حوالي تي قابو پائڻ، ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ امڪاني معاشي تباهي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويا، ترجمان چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته افغانستان سان عالمي برادري جا مسلسل رابطا اڻٽر آهن، غير معمولي اجلاس جي ميزباني ??فغان عوام جي حمايت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوش??ن جو مظهر آهي، غير معمولي اجلاس افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ افغان عوام جي مسلسل ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم ۽ مسلسل ڪوش??ن جي عڪاسي ڪري ٿو، اجلاس افغان عوام جي انساني ??رورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد لاءِ عملي ۽ ٺوس قدمن تي غور ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو.