اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي مسئلي جو حصو نه آهي پر ا?? جي حل جو حصو بڻجڻ چاهي ٿو، آلودگي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڊگهي مدي واري پائيدار شهري صفائي جي منصوبي جي ضرورت آهي، ايندڙ نسل کي صاف سٿرو مستقبل فراهم ڪرڻ جي ذميواري موجوده نسل تي آهي، اسان کي پنهنجي جبلن کان وٺي سمنڊ تائين سنڌو درياءَ جي طاس جي حفاظت ڪرڻ گهرجي، حياتياتي تنوع جو نقصان ٻيل?? جي واڍيءَ ۽ ٻيل?? جي زمين تي قبض?? جي ڪري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌا??و ويو ته فضائي آلودگي جا مسئلا نومبر کان شروع ٿيا جيڪو خشڪ ترين مهينو هو جنهن پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن کي متاثر ڪيو. وڌيڪ اهو ته سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزين پاڪستان ۾ سنڌو درياءَ جي طاس جي حياتياتي تنوع کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. وزيراعظم شهري علائق?? جي لاءِ فوري ڊگهي مدي واري منصوبابندي تي زور ڏنو جتي ماحولياتي مسئلا بشمول گرين ڪور جو نقصان، سيوريج ٽريٽمينٽ، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ۽ فضائي آلودگي جي فوري حل جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته اسا?? جي ايندڙ نسلن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلين سان موافقت جي قدم?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسا?? جي حڪومتن ڪلين اينڊ گرين پاڪستان جا قدم اسا?? جي نوجوانن کي ذهن ۾ رکندي شروع ڪيو هو ۽ اهو ته صاف سٿرو مستقبل فراهم ڪرڻ جي ذميواري موجوده نسل جي ڪلهن تي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ماحولياتي آلودگي جي عالمي ذريعن ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر موسمياتي تبديلي جا اثر پاڪستان تي تمام وڌيڪ آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان مسئلي جو حصو نه آهي پر اسان ا?? جي حل جو حصو بڻجڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم موسمياتي لحاظ کان مواقق مستقبل جي لاءِ سنڌ طاس جي ماحولياتي بحالي جي تصوراتي منصوبي جي اصولي منظوري ڏني. تصوراتي منصوبي ۾ تحفظ ۽ آلودگي تي ضابطو آڻڻ جا قدم شامل آه?? جيڪي سنڌو درياءَ جي طاس جي اوپري ڌاري، سنڌ جي ميداني ۽ هيٺئين طرف وهڪري ۾ کنيا ويندا. منظوري ۽ عملدرآمد جي لاءِ هڪ تفصيلي منصوبو 4 مهين?? جي اندر مڪمل ڪ??و ويندو ۽ موجوده قدمن کي ٺوس بڻائڻ ۽ خال کي ڀرڻ جي لاءِ نوان قدم تيار ڪرڻ جي لاءِ ويزن ۽ ايڪشن بيسڊ فريم ورڪ فراهم ڪندو. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ پاران نيچر پاليسي بيسڊ بجٽري سپورٽ جي تصور جي تجويز جي پڻ منظوري ڏني وئي جيڪا ملڪ ۾ ترقياتي منصوب?? جي لاءِ جديد گرين فنانس??گ کي تيز ڪندي. ان کان اڳ وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم تازو ئي گلاسڪو ۾ منعقد ڪانفرنس آف پارٽيز (سي او پي) 26 ۾ پاڪستا?? جي شرڪت بابت اجلاس کي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته عالمي برادري پاڪستا?? جي 10 بلين ٽري سونامي پروگرام ۽ ماحولياتي تحفظ جي ٻين سمورن پروگرامن کي ساراهيو. اجلاس ۾ ٻڌا??و ويو ته رڳو 8 نمائندن تي ٻڌل پاڪستاني وفد 25 ضمني تقريبن ۾ شرڪت ڪئي، 50 کان وڌيڪ ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون ۽ سي او پي 26 دوران ترقي يافته ملڪن سان ڪيترين ئي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون. اجلاس ۾ سنڌو درياءَ جي طاس تي موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. ٻڌا??و ويو ته سنڌو درياءَ جي طاس تي پوندڙ منفي اثرن ۾ فصل?? جي پيداوار ۾ گهٽتائي، پاڻي جي کوٽ گرم ۽ خشڪ موسم، سخت ٻوڏ ۽ ملڪ ۾ حياتياتي تنوع جو نقصان شامل آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن عمر ايوب خان، محمد حماد اظهر، فواد احمد، سيد فخر امام، چوڌري مونس الاهي، خاص معاون ملڪ امين اسلم، ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي وڏي ??زير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخواهه جي وڏي ??زير محمود خان، گلگلت بلتستا?? جي وڏي ??زير خالد خورشيد، مملڪتي وزير زرتاج گ??، سينيٽر فيصل جاويد، موسمياتي تبديلي سنڌ واري وزير محمد اسماعيل راهو، گڏيل قومن ۽ ورلڊ بئنڪ جي سينيئر نمائندن ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.