اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊا??ٽرز اسان جي ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن، پاڪستاني ڊا??ٽرز جي صلاحيتن جي پو??ي دنيا متعرف آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار انصاف ڊا??ٽرز فورم جي صدر ڊا??ٽر مدير خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خاص مددگار نيشنل هيلٿ سروسز ڊا??ٽر فيصل سلطان ۽ خيبرپختونخوا جي صحت ۽ روينيو وارو وزير تيمور سليم جهڳڙا به موجود هو. ملاقات دوران وزيراعظم کي صحت جي شعبي ۾ سڌارن بابت اڳڀرائي کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. ڊا??ٽر مدير وزيراعظم کي ڊا??ٽرن جي انٽري ٽيسٽ ايگزام (ايم ڊي سي اي ٽي) ۽ نيشنل لائيسينسنگ ايگزام (اين ايل اي) بابت خدشن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ڊا??ٽر فيصل سلطان کي ترجيحي بنيادن تي انهن خدشن کي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.