اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آسٽريليا سان پنهنجي لاڳاپ?? کي انتهائي اه??يت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ آسٽريليا سان ٻطرفي تعاو?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جي شعبن ۾ آسٽريليا سان تعاو?? کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي جيڪو پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزارت جي عهدو ڇڏيندڙ ترجمان ۽ آسٽريليا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر ??اه?? حفيظ چوڌري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي صدر زور ڏنو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جا وسيع امڪان آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان آسٽريليا سان مختلف شعبن ۾ خاص طور تي تعليم، زراعت، واپار، پاڻي جي انتظام، کاڻين ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ چاهي ٿو. هن آسٽريليا کان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ڪاروباري دوست پاليسيون اختيار ڪيون ۽ پنهنجو ڌيان جيوسياست کان جيو اڪنامڪس ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو. حڪومت پاران ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي مثبت ڪردار جي حوصلا افزائي جو حوالو ڏيندي صدر نامزد هاءِ ڪمشنر کي چيو ته هو آسٽريليا ۾ پاڪستاني شهرين جي سهولت ۽ ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪري ۽ کين هر ممڪن تعاون ۽ خدمتون فراهم ڪري. آسٽريليا ۾ پاڪستاني شاگردن جي قابل ذڪر تعداد کي نظر ۾ رکندي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليمي تعاو?? کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. صدر ??اه?? حفيظ چوڌري کي آسٽريليا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر جي طور تي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ا?? کي چيو ته هو پاڪستان آسٽريليا تعاو?? کي وڌيڪ مضبوط ۽ متنوع بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي طور تي پنهنجي فرض?? کي بهترين طريقي سان انجام ڏيڻ تي ??اه?? حفيظ چوڌري جي واکاڻ ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو انهي جذبي سان آسٽريليا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر جا فرض سرانجام ڏيندو.