اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رحيم يار خان جي علائقي ڀُونگ ۾ گنيش مندر تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم گنيش مندر تي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته مون پهرين ئي آءِ جي پنجاب کي چيو آهي ته هو واقعي جي ذ??يوار ماڻهن جي گرفتاري کي يقيني بڻائي ۽ ڪنه?? به پوليس غفلت جي خل??ف ڪارروائي ڪري، وزيراعظم چيو ته حڪومت مندر به بحال ڪندي.