اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) بلوچستان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا سان اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير چوڌري فواد حسين ملاقات ڪئي. اطلاعات واري و??اق?? وزير ظهور احمد آغا کي بلوچستان جي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي چوڌري فواد حسين چيو ته بلوچستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ ڪنهن بلوچستان جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو. پي ٽي آءِ جي حڪومت بلوچستان ??ي سڀني کان وڏو ترقياتي پيڪي?? ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاران اعلان ??يل بلوچستان پيڪيج سان خطي جي 70 سالن جي محرومين جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته سي پيڪ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو بلوچستان ??ي ٿيندو، بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبا حقيقي گيم چينجر ثابت ٿيندا، انهن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو ويندو. و??اق?? وزير چيو ته بلوچستان ??ي ملڪ جي ٻين صوبن جي برابر آندو ويندو. هن چيو ته بلوچستان ۾ ترقي لاءِ امن ضروري آهي، اميد آهي ته بلوچستان جو گورنر امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندو. ان موقعي تي بلوچستان جي گورنر چيو ته و??اق?? حڪومت پاران بلوچستان جي محرومين کي ختم ڪرڻ جون ڪوشش واکاڻ جوڳيون آهن، هن چيو ته هو وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي وچ ۾ بهتر رابطن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر رابطن جو فائدو بلوچستان جي عوام کي ٿيندو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو ڊپٽي ا??پي??ر قاسم خان سوري ۽ اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد به موجود هئي.