اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) برطانيا جي وزيراعظم بورس جانس ماحوليات جي عالمي ڏينهن 2021ع جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم عمران خا?? جي قيادت تي ٽين بلين ٽري سونامي جهڙن منصوبن کي قدرتي ماحول جي ??حف?? ۽ بحالي طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب ۾ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته قدرتي ماحول جو ??حف?? سڀني جي گڏيل ذميداري آ??ي، هن چيو ته اڄ پوري دنيا کي ڪورونا وائرس جي وبا درپيش آ??ي، اها وبا دراصل ان سلوڪ جو رد عمل آهي جيڪو انسانن قدرتي ماحول سان روا رکيو آ??ي، هن چيوته آلودگي ۽ غير معياري طرز عمل ماحوليات کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آ??ي، موسمياتي تبديليون ان جو نتيجو آهن ۽ اڄ پوري دنيا انهن تبديلين جي منفي اثرن جي زد ۾ آهي.