اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو آه?? ته بلاول صاحب پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي ٻڏڻ کان بچائڻ جي لاءِ وسيلا گڏ ڪرڻ شرم جي ڳالهه نه آهي، تاريخ لکند?? ته سنڌ ڦريو پئي ويو ۽ بلاول پريس ڪانفرنس ۾ بانسري وڄائي رهيو هو، شرم ۽ ندامت توهان کي هجڻ گهرج?? ته پنهنجي ملڪ ۽ عوام جو پئسو ڦريو، ٻاهرئين ملڪ ملڪيتون ٺاهيون، اڳ ۾ مُڪرجي ويا پوءِ تسليم ڪري ورتو. مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول ڀٽو جي بيان تي ردعمل ۾ چيو ته شرمندگي جي ڳالهه اها آه?? ته توهان حڪمران هجو پر سنڌ جي عوام کي ڪتن جي ڪاٽڻ جي ويڪسين به ميسر نه هجي، ٿر ۾ بک وگهي ٻار مرندا رهن ۽ توهان بي حسي جو بُت بڻجي ت??اشو ڏسندا رهو.