اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن جو عمل تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مختلف قسمن جي معذورين جي درجه بندي ??اء?? طريقيڪار جوڙيو وڃي، معذوري سرٽيفڪيٽ سان حڪومت جي احساس پروگرام جهڙي سماجي تحفظ جي اسڪيمن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو، ان حوالي سان جامع قدم کنيا وڃن. هو مختلف قسم جي معذوري جي رجسٽريشن جي باري ۾ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ خاص مددگار نيشنل هيلٿ سروسز، ??يگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊاڪٽر فيصل سلطان، سي??ري??ري عامر اشرف خواجه، گه??و وزارت جي اسپيشل سي??ري??ري شير عالم محسود، نادرا چيئرمين خالد لطيف ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صدر سمورن لاڳاپيل ڌرين کي خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن جو عمل تيز ڪندي مختلف قسم جي معذورين جي درجه بندي ??اء?? طريقيڪار جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي حقن جي تحفظ ??اء?? انهن جي رجسٽريشن جي عمل کي هموار ۽ تيز ڪرڻ ضروري آهي، صدر چيو ته خصوصي ماڻهن ??اء?? معذوري سرٽيفڪيٽ تمام اهم آهي ڇو ته ان جي ذريعي حڪومت جي احساس پروگرام جهڙي سماجي تحفظ جي اسڪيمن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو، ان موقعي تي صدر کي نيشنل هيلٿ سروسز ۽ ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينشن واري وزارت ۽ نادرا پاران خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن جي حوالي سان ڪم تي اڳڀرائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو.