اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) گلگت بلتستان کي عبوري ص??بو ٺاهڻ جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان پا??ان جوڙيل ڪميٽي جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين خان گنڊاپور ڪ??ي. ??جلاس ۾ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم، گلگت بلتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد، ڪشمير معاملن واري وفاقي سيڪريٽري کانسواءِ پرڏيهي وزارت، دفاع واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اهم عملدارن شرڪت ڪ??ي. ??ن موقعي تي وفاقي وزير چيو ته عبوري ص??بي جي قيام جي حوالي سان گلگت بلتستان اسيمبلي جي متفقه قرارداد گلگت بلتستان جي عوام جي امنگن جي عڪاس آهي ۽ اسان جي حڪومت ان واع??ي جي تڪميل کي يقيني بڻائي رهي آهي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان کي عبوري ص??بي جي حيثيت ڏيڻ جي حوالي سان مختلف ماڊلز تي به تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته گلگت بلتستان کي عبوري ص??بو ٺاهڻ جي حوالي سان قومي مفادن، عوام جي امنگن ۽ سياسي اتفاق راءِ کي يقيني بڻايو ويندو.