اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بنگلاديش سان واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته گ??يل مفادن جي لاءِ واپاري لاڳاپا، ڪاروباري تعاون ۽ عوامي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بنگلاديش ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عمران احمد صد??قي سان ملاقات دوران ڪيو.