اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) آءِ جي سنڌ ۽ آءِ جي گلگت ??لتستان پنهنجي ماتحت آفيسرن جي ڊيش بورڊ جي جاچ پڙتال مڪمل ڪري ورتي آه?? جنهن کي وزيراعظم پرفارمنس ??لي??ري يونٽ پاران وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪئي وئي آه??. وزيراعظم پرفارمنس ??لي??ري يونٽ مان جاري بيان موجب سنڌ پوليس جي 78 جڏهن ته گلگت ??لتستان پوليس جي 20 ڊيش بورڊ جي جاچ پڙتال ڪئي وئي آه??. پاڪستان سٽيزن پورٽل تي عوامي شڪايتن جو مناسب ازالو نه ڪرڻ تي آءِ جي سنڌ پاران 25 پوليس آفيسرن کي وارننگ لي??ر جاري ڪيا ويا آه??. آءِ جي گلگت ??لتستان پاران هڪ ڊي آءِ جي ۽ ٻن ايس پيز کان وضاحت طلب ڪئي وئي آه??. ايس ايس پي ڊسٽرڪٽ ايسٽ ڪراچي، ايس ايس پي ملير، ايس ايس پي ڪورنگي، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي، ايس ايس پي خيرپور، ايس ايس پي نوشهروفيروز، ايس ايس پي سانگهڙ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ڪشمور ۽ جيڪب آباد کي وارننگ لي??ر جاري ڪيا ويا. ايس پي شڪارپور، قمبر، انويسٽيگيشن ايسٽ ون ۽ ايس پي صدر کي آءِ جي سنڌ پاران شاباش ڏني وئي ۽ آءِ جي بلتستان پاران ڊي آءِ جي پوليس بلتستان رينج، ايس پي هنزه، ايس پي اسڪردو کان وضاحب طلب ڪئي وئي آه??. ان کانسواءِ ڊي آءِ جي گلگت ??ينج، ايس ايس پي گلگت، ايس ايس پي استور کي ڪارڪردگي جي بنياد تي شاباش ڏني وئي آه??.