اس??ام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪورونا وي??سي?? حاصل ڪرڻ جي حوالي سان قائم ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ سماجي ڀلائي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر شرڪت ڪئي. ڪميٽي جي ميمبرن وزيراعظم کي بريفنگ ڏني ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ٻه وي??سي??ز جي ايمرجنسي استعمال جي منظوري ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ وڌيڪ وي??سي??ز جي منظوري جي لاءِ قدمن کي فاسٽ ٽريڪ ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منظور ٿيل ٻن وي??سي??ز کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن ۽ هن سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ وي??سي??ز جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.