اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم م??نڊ??ي والا چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ سياسي سطح تي ٻطرفا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گهڻ رخي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اهميت رکندڙ آهن. اهڙن خيال?? جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير گيبريلا ٽائيل ڪاپوتي سان هتي ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده واپاري ڪاٿي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ان ۾ بهتري آڻڻ جي گنجائش موجود آهي، هن چيو ته ??يڙ??ڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ ٻنهي طرفن کان ڪاروباري وفدن کي گڏيل رابطا وڌائڻ گهرجن ته جيئن ??يڙ??ڪاري جا امڪان ڳولي سگهجن، هن چيو ته پاڪستان، ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.