اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغان صدر اشرف غني جي دعوت تي ڪابل جو هڪ ڏينهن جو ??ورو ڪيو، آگسٽ 2018ع ۾ وزيراعظم جو ??هدو سنڀالڻ کانپوءِ سندس افغانستان جو ??هو پهريون دور?? آهي، وزيراعظم عمران خان افغان صدر اشرف غني سان گذريل ٻن سالن جي دوران پاڪستان ۽ افغانستان جي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل مقصدن جي فروغ ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوششن جو ??ائزو وٺڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پڌرنامي موجب وزيراعظم هڪ پرامن، مستحڪم، متحده جمهوري، خودمختيار ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو، هن پنهنجي ان پراڻي موقف کي به ورجايو ته افغانستان تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رست?? آهي، وزيراعظم عمران خان افغان عوام جي تحفظ لاءِ جنگ بندي ۽ تشدد ۾ گهٽتائي لاءِ سمورين ڌرين تي ضروري قدم کڻڻ تي زور ڏنو، وسيع البنياد ۽ جامع سياسي حل جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم چيو ته امن عمل ۾ افغان عوام جي فيصلن جو ??حترام ڪري، هن انهن عنصرن کي به خبردار ڪيو جي??ي امن ڪوششن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.