اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز مزار قائد جي معاملي تي هٿياربند فوج ۾ خود احتسابي عمل کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت ان ??يصلي جو قدر ڪري ٿي، جيڪڏهن سنڌ پوليس وقت سر ايف آءِ آر داخل ڪري ها ته معاملو ايترو ڏکيو نه ٿئي ها، هاڻي سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها ٻڌائي ته ان دوران جن پوليس آفيسرن بغاوت ڪئي انهن جي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي آهي، سنڌ ۾ به قانون جي بالادستي نظر اچڻ گهرجي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وفاقي ڪابي??ا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ دوران ??اڪ فوج جي ڪ??رٽ آف انڪوائري جي رپ??رٽ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ه??ياربند فوج هڪ منظم ادارو آهي، مزار قائد جي معاملي تي پاڪ فوج جي اندر خود احتسابي عمل حرڪت ۾ آيو آهي جنهن کانپوءِ ٻن آفيسرن کي عهدن تان ??ٽايو ويو آهي.