اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مشڪل حالتن ۾ ڪرا??ي جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، شديد برساتن سان س??ي ملڪ ۾ خاص طور تي ڪرا??ي جي عوام جي مشڪلاتن کان حڪومت مڪمل آگاهه آهي، ڪرا??ي جي عوام کي درپيش مسئلن جي مستقل حل لاءِ جلد منصوبي جو اعلان ڪنداسين. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بحالي ۽ امدادي سرگرمين جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، اين ڊي ايم اي ??يئرمين ۽ گورنر سان مسلسل رابطي ۾ آهيان، ٻوڏ واري پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ اين ڊي ايم اي ??يئرمين کي فوري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، متاثرين کي کاڌو، ڇت ۽ طبي سهولتن جي فراهمي جو به حڪم ڏنو آهي.