اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر ??ين??ٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪ – سعودي لاڳاپا سدائين وانگر مضبوط ۽ مستحڪم آهن، اسان تاريخي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ سعودي سفير نواف سعيد المالڪي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي وفاقي وز??ر سان ملاقات ڪئي. ??ين??ٽر شبلي فراز چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل اسلامي قدر رکندڙ آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جو تعلق هڪ دلين جو رشتو آهي. اطلاعات واري وز??ر چيو ته پاڪستان جي عوام ??اد??ين الحرمين الشريفين جو بي حد احترام ڪري ٿ??، هن چيو ته اسان شهزاده محمد بن سلمان جي ويزن 2030ع کي ساراهيون ٿا، اهو موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ آهي.