اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي غاصباڻي قبضي ۽ گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي خصوصي يادگار ٽڪلي جاري ڪري ڇڏي آهي، ان خصوصي يادگار ٽڪلي جاري ڪرڻ جو مقصد ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ جاري ڀارت جي انسانيت دشم?? سرگرمين ۽ ڄمون ۽ ڪش??ير جي مسلمانن تي ڪيل ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کان دنيا کي آگاهه ڪرڻ آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاق?? وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ پوسٽل سروسز ۽ مواصلات وارو وفاق?? وزير مراد سعيد پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? ته پاڪستان پوسٽ پاران جاري ٿيندڙ يادگار ٽڪلي ڪش??يرين سان يڪجهتي جي اظهار جي پهرين ڪڙيءَ آهي، ان يادگار ٽڪلي جو مقصد دنيا کي اهو باور ڪرائڻ آهي ته ڪيئن ڀارت ڪش??ير جي معصوم عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جو راڄ قائم ڪيو آهي، ان جي هي عڪاسي ڪري ٿو، اها يادگار ٽڪلي سڄي دنيا ۾ ويندي ماڻهن کي احساس ٿيندو ته ڀارت ڪش??يري عوام تي ڪهڙِ طرح ظلم ۽ ڏاڍ جو طوفان برپا ڪري رکيو آهي، وزيراعظم عمران خان جي گڏيل قومن جي تقرير سان شروع ٿيندڙ سفر ڪش??ير جي آزادي جي تحريڪ کي هڪ نئين روح ڦوڪي آهي، وزيراعظم عمران خان جهڙي طرح چي?? ته هو ڪش??ير جو سفير ۽ وڪيل بڻجي اهو ڪيس وڙهندو، اهو سفر اڃا جاري آهي. هن چي?? ته 5 آگسٽ تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي ٿيل ڪش??ير ۾ ٻيهر ظلم ۽ ڏاڍ جي انتها ڪري ڇڏي آهي.