اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪ??انڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي ??و سي) کي ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ 1227 آڪسيجن بيڊز فراهم ڪيا ويا آ??ن. ??نصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ نيشنل ڪ??انڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي ??و سي) جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽرين پاران سمارٽ لاڪ ڊائون جي حوالي سان تازي صورتحال، ذاتي تحفظ جي اوزارن (پي پي ايز) ۽ ماسڪ جي فراهمي، ڪورونا وبا جي ڦهلاءُ ج?? صورتحال ۽ اسپتالن ۾ ”ريمپ اپ پلان“ جو جائزو ورتو ويو. اين سي ??و سي کي ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪورونا وائرس جي مريضن جي بهتر علاج جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي هدايتن تي هيستائين سڄي ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ وڌيڪ 1227 بستر شامل ڪ??ا ويا آهن.