اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي سينسرشپ نه آهي، ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪس وانگر صحافي به ڪورونا وبا جي خلاف جنگ ۾ پهرين صف ۾ ڪم ڪري ??هي?? آهن، محدود وسيلن جي باوجود ملڪ جي ڏورانهن علائقن جي پريس ڪلبن جي مالي مدد ج?? سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي خاص هدايتن تي پريس ڪلبن جي مالي مدد ڪئي پئ?? وڃي. هو ملڪ جي مختلف پريس ڪلبن جي عهديدارن ۾ مالي مدد جا چيڪ ??ره??ئڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي س??ڪر??ٽري اڪبر حسين دراني، نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد سميت سڄي ملڪ جي پريس ڪلبن جا عهديدار ان تقريب ۾ شريڪ هئا. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي لاءِ اڄ خوشي جو ڏينهن آهي ته آئون سڄي ملڪ جي مختلف پريس ڪلبن جي عهديدارن سان ملاقات ڪري رهيو آهيان. اطلاعات واري وزارت جي س??ڪر??ٽري ۽ سندس ٽيم جيڪا ڪوشش ڪئي آهي اها ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي. وزيراعظم عمران خان جي پراڻي خواهش ۽ واضح هدايتون هيون ته ڪلبز ۽ صحافي برادري جي هر ممڪن مدد ڪئ?? وڃي ان سان گڏوگڏ اهي صحافي جيڪي بيمار يا ڪنهن مشڪل ۾ آهن انهن جي به مدد ڪئ?? وڃي، پنهنجي محدود وسيلن جي باوجود پريس ڪلبن ۽ صحافين جي مدد ڪرڻ وڃي ??هي?? آهيون.