اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترق??، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ضروري آهي، اسلام آباد ۾ 189 آڪسيجن بيڊز فراهم ڪيا پيا وڃن، هاٽ اسپاٽ وارن علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون سان وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته جولاءِ جي آخر تائين 2100 کان وڌيڪ آڪسيجن بيڊز جو اضافو ڪن??اس??ن، 20 وڏن شهرن ۾ هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي ڪئي وئي. اسد عمر چيو ته ??ولي ڪلينڪ، پمز ۽ سي ڊي اي اسپتال کي آڪسيجن بيڊز ڏنا ويندا، هاٽ اسپاٽس ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون سان وبا جو ڦهلاءُ روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته ??اٽ اسپاٽس جا تفصيل صوبن کا ڏنا ويا آهن. ٽيڪنالاجي جي مدد سان نشاندهي ڪري سگهن??اس??ن ته ڪهڙن علائقن ۾ وبا وڌيڪ آهي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ??لڪ جي 20 وڏن شهرن ۾ 92 هاٽ اسپاٽ علائقن ۾ لاڪ ڊائون ڪيو آهي.