ڪراچي – 21 ا??ري?? (اي پ?? پي) پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ اسمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي پارليماني اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ 20 ا??ري?? تائين 15 لک 73 هزار 149 ماڻهن کي 18 ارب 87 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا آهن، سنڌ حڪ??مت 18 سئو جو راشن به سنڌ جي ڪنهن خاندان کي ناهي ڏنو، وزيراعظم ڏکئي وقت ۾ سنڌ کي ناهي وساري??، لاڪ ڊائون ۽ ڪرونا جي ڪري ڪيترائي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور متاثر ٿيا آهن، اسان بنا ڪنهن فرق جي سڀني کان اڳ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ غريب عورتن کي امداد ڏني آهي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ حليم عادل شيخ چيو ته وزيراعظم عمران خان ڏکئي وقت ۾ سنڌ کي وساريو نه آهي، لاڪ ڊائون ۽ ڪرونا وائرس جي ڪري ڪيترائي ڏهاڙيدار مزدور متاثر ٿيا آهن، سنڌ حڪ??مت رڳو اعلان ڪيو ته راشن ڏيئي رهيا آهيون، جيڪو اڃا تائين ناهي مليو.