اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا بيمار قيدي محمد نواز شريف کي وطن واپس آڻڻ ج?? لاءِ برطانوي حڪومت کي خط لکڻ سميت سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ، نئين دهلي ۾ مسلمانن سان ظلم ۽ تشدد، عبادتگاهن جي بي حرمتي تي ڀارت سان ڪنهن به قسم جو واپار نه ڪرڻ سميت 10 نقاطي ايجنڊا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وز??راعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وز??راعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وز??راعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وز??راعظم عمران خان اسڪولن ۾ ٻارن کي جسماني سزا ڏيڻ جي روش جو سخت نوٽيس ورتو.