اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) ڏيهي توڙي پرڏيهي فضائي ??پريشنز ۾ وڏي پيماني تي واڌ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت ڪويت، بحريه، دوحه سميت دمام ۽ جده ??اءِ نيون عالمي اُڏامون آپريشن ۾ شامل ڪيون ويون آهن. پي آءِ اي ڪارپوريٽ ڪميونيڪيشن ڊويزن موجب اندرون ملڪ اُڏامن ۾ ڪراچي ۽ـ پشاور وچ ۾ هفتيوار وڌيڪ اُڏامن سان ملڪي نيٽ ورڪ کي واڌ ڏني وئي ??هي. ڪراچيءَ کان پشاور لاءِ ٽين هفتيوار اُڏام 25 ج??وريءَ کان شيڊول جو حصو بڻجندي. پي آءِ اي لاهور کان ڪويت لاءِ به هفتيوار ٻه طرفيون اُڏامون 25 ج??وريءَ کان بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح لاهور کان دمام لاءِ نيون هفتيوار ٻه اُڏامون 22 جنوريءَ کان شروع ٿي??دي??ن. قومي ايئر لائن جي سيالڪوٽ کان بحرين لاءِ هفتيوار اُڏام 20 جنوري کان جڏهن ته سيالڪوٽ کان دوحه لاءِ نئين ٻه طرفي هفتيوار اُڏام جي شروعات 21 جنوريءَ کان ٿيندي. فضائي ??پريشن ۾ وا??و اُڏامون سيالڪوٽ کان جده ??اءِ 20 جنوريءَ کان هلايون وي??دي??ن. پي آءِ اي پنهنجن مسافرن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي ملڪ اندر توڙي ٻاهر آسان رسائي ??ميت رابطن کي جوڙڻ لاءِ اهڙن قدمن جو سلسلو مستقبل ۾ به جاري رکندي.