اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) نائب و??يراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڪالهه اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي ب??ان موجب نائب و??يراعظم او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان ۾ آجيان ڪندي مسلم ڪميونٽيز ۾ نياڻين جي تعليم، چئلينجز ۽ موقعن جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس ۾ او آءِ سي طرفان اعليٰ سطح جي شرڪت کي ساراهيو. ان موقعي تي غزه ۽ وچ اوڀر جي صورتحال، ڀ??رت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير، افغانستان، اسلامو فوبيا، سڄي دنيا ۾ مسلمانن خلاف اڻبرابر?? واري سلوڪ، تشدد ۽ ان سلسلي ۾ او آءِ سي جي ڪردار تي ب?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. محمد اسحاق ڊار او آءِ سي جي اصولي موقف ۽ ڪشميرين جي خودمختيار?? واري حق جي منصفاڻي جدوجهد جي پختي حمايت کي ب?? ساراهيو ۽ اسلامو فوبيا تي او آءِ سي جي خاص نمائندي جي مقرري جي ب?? واکاڻ ڪئي.