اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) او پي ايف گرلز ڪاليج ايف-8 (بوائز سيڪشن) ۾ ٻارن جي شخصيت، اقدار ۽ ڪردار سازيءَ کي اجاگر ڪرڻ، استادن ۽ مائرن جي قربانين کي خراجِ تحسين ??يش ڪرڻ لاءِ هڪ خاص تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ اس??ول جي ٻارن جي مائرن کي خاص طور تي ??دعو ڪيو ويو هو جنهن جو مقصد ٻارن کي نصابي سرگرمين سان گڏوگڏ غير نصابي سرگرمين ۾ اخلاقي قدرن ذريعي شخصيت ۽ ڪردار سازي اجاگر ڪرڻ سميت ان ۾ استادن ۽ ماءُ جي محبت ۽ قربانين جو احساس ڏيارڻ هو. تقريب کي خطاب ڪندي اس??ول جي پرنسپل بشريٰ بشير چيو ته اس??ول ۾ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت سميت شخصيت ۽ ڪردار سازي، معاشرتي ۽ سماجي قدرن سان روشناس ڪرائڻ تي ڀرپور توجهه ڏني ويندي آهي ت?? جيئن هو مستقبل ۾ پنهنجي پيشيوراڻي ذميوارين کي نڀائڻ سان گڏوگڏ معاشري جو هڪ ذميدار شهري ثابت ٿين. ان موقعي ت?? سيڪشن انچارج ڊاڪٽر ??رو??ه سهيل جو چوڻ هو ته اڄ جي جديد دؤر ۾ ٻار پنهنجي ثقافت ۽ اخلاقي قدرن کان پري ٿي رهيا آهن. استادن جي عزت ۽ احترام جيڪو ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ خالي نظر اچي ٿو، ماءُ ۽ ٻار ۾ فاصلا وڌي رهيا آهن، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ت?? ٻارن کي سندن سماجي ۽ معاشرتي ??درن سان سڃاڻپ ڪرائي وڃي ت?? جيئن هو پنهنجي استادن ۽ والدين خاص ڪري پنهنجي ماءُ جي محنت، پُرخلوص جذبي ۽ قربانيءَ کي نه صرف سمجهن پر انهن جو دل سان قدر به ڪن. تقريب جي بهترين منعقد ٿيڻ تي ??رنسپل بشريٰ بشير، وائيس پرنپسل طاهره ياسمين، ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ??رو??ه سهيل ۽ ٻين استادن کي مبارڪ ڏيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته سندس اس??ول ٻارن جي تعليم ۽ تربيت، شخصيت ۽ ڪردارسازي ۾ پنهنجون اعليٰ پيشيوراڻي روايتون برقرار رکندو. تقريب ۾ ٻارن، استادن ۽ ماءُ جي ڪردار کي خراجِ تحسين ??يش ڪرڻ لاءِ مختلف ٽيبلوز ۽ خاڪا ??يش ڪيا ويا، جن کي شرڪت ڪندڙن ساراهيو. تقريب جي آخر ۾ شاگردن جي مائرن کي اسٽيج تي گُهرائي گلدستا ??يش ڪيا ويا.